صوبدار خان جو مقبرو

صوبدار خان جو مقبرو

صوبدار خان جو مقبرو

صوبدار خان جو مقبرو: هي مقبروسيفل ريسٽ هائوس ڪشمور ۾آهي. هي مقبرو پڪين سرن سان ٺهيل آهي جنهن جي مهاڙي ٻن نيلن سان سجايل آهي. ٻيڙ ٻني تي ڄاري لڳل آهي، جيڪا سيمينٽ سان جديد نموني ٺهيل آهي. لنگهه ونگاؤن آهي، جيڪو، پاسن سان اٿس، جڏهن ته طاق به ونگن سان ٺهيل آهن. ڪنڊن تي برجيون ڏنل آهن. مقبرو ڏسڻ ۾ پراڻو ڪونه ٿو لڳي. شايد هن جي وقت به وقت مرمت ٿيندي رهي آهي. صوبدار خان بابت روايتون آهن ته هو پنهنجي دور ۾ وڏو مهمان نواز ۽ ماڻهن جي ڀلي جا ڪم ڪندڙ هو. سرڪار هن وقت هتي هڪ مسافر خانو ٺهرائي رهي آهي. مقبري نشين بابت ڄاڻ ڪونه ٿي ملي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو